تاريخ فرشته

تاريخ فرشته (ڪتاب ):هن تاريخ جي ڪتاب کي ”گلشن ابراهيمي“ به سڏجي ٿو. هيءَ تاريخ محمد قاسم استر آباديءَ جي فارسيءَ ۾ تصنيف آهي، جيڪا ”فرشته“ جي نالي سان مشهور آهي. هيءَ هندستان جي مفصل تاريخ آهي ۽ پنهنجي موضوع تي هڪ معتبر ڪتاب جو درجو رکي ٿي. مؤلف، هن ڪتاب کي پهرين مرتضيٰ نظام شاهه جي نالي منسوب ڪيو هو، بعد ۾ ابراهيم عادل شاهه ثانيءَ جي وزير، دلاور خان، جي دعوت تي ڪانپور ويو ۽ مؤلف ابراهيم عادل شاهه جي نبست ڪري، پنهنجي ڪتاب جو نالو ”گلشن ابراهيمي“ رکيائين. هيءَ تاليف بظاهر 1015هه/1606ع ۾ تڪميل تي پهتي ۽ 1831- 1832ع ۾ غالباً پهريون دفعو بمبئيءَ ۾ ڇپي. هن جو انگريزي ترجمو 1829ع ۾ لنڊن مان ۽ 1908ع ۽ 1910ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿيو.


لفظ تاريخ فرشتهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو